در کليو ئي رهيو

در کليو ئي رهيو

در کليو ئي رهيو

در کليو ئي رهيو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب صحافي ۽ ڪهاڻيڪار امين ارباب جي ريڊيائي افسانن/ ناٽڪن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ وطن پرستيءَ ۽ رومانوي احساسن جا موضوع موجود آهن. اداري پاران نوٽ موهن مدهوش لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب تي ناليواري ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي جو مختصر تاثر ۽ مهاڳ نامور اديب ۽ براڊ ڪاسٽر نصير مرزا جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ 44 ريڊيائي ناٽڪ شامل آهن. بئڪ ٽائيٽل تي مصنف جي فن ۽ نئين صنف ريڊيائي ناٽڪ جي دريافت تي نامور ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ جو تاثر ڏنل آهي. چار رنگي ٽائيٽل سان، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 119 صفحا آهن. هيءُ ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، مئي 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو